ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان جي ضلعي جيسلمير ۾ پاڪستان سان واسطو رکندڙ هڪ نوجوان شادي شده جوڙي جا لاش هٿ آيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب مقامي اختيارين چيو آهي ته اهو جوڙو غير قانوني طور تي سرحد پار ڪري ڀارت داخل ٿيو هو ۽ سخت گرمي ۽ اڃ سبب ريگستان ۾ زال مڙس حياتيون وڃائي ويٺا.
جوڙي جي سڃاڻپ 17 ورهين جي روي ڪمار ۽ 16 ورهين جي شانتي ٻائي طور ٿي آهي، ٻنهي جو واسطو سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي سان هو، ٻنهي جا لاش هڪ وڻ هيٺان مليا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوڙي جو موت ظاهري طور تي 8 کان 10 ڏينهن اڳ ٿيو، ٻنهي وٽان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ سمون برآمد ٿيون، موت جو حتمي سبب پورٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ واضح ٿيندو.
واضح رهي ته گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ غلام حسين لغاري سان واسطو رکندڙ نوجوان زال مڙس 12 ڏينهن اڳ گهر وارن کي ٻڌائڻ بنا نڪري ويا هئا ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين سندن پتو نه پيو هو.
نوجوان روي ڪمار جي پيءُ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته سوشل ميڊيا ذريعي کيس خبر پئي ته ڀارت جي علائقي جيسلمير مان ٻه لاش مليا آهن، پوءِ تصديق ٿي ته اهي لاش پٽ روي ڪمار ۽ ننهن شانتي ٻائي جا آهن.
Prev Post
You might also like