دَم (سهڪو) هڪ دائمي بيماري آهي جيڪا عام طور تي مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيندي پر ڊگهي مدي واري انتظام سان ان تي ضابطو رکي سگهبو آهي.
سهڪو يا دم ختم نه ٿيڻ جا ڪيترائي سائنسي سبب آهن.
- ساهه جي رڳن جو لڳاتار حساس ٿيڻ
سهڪي ۾ ڦڦڙن جون رڳون سدائين حساس رهنديون آهن، جيڪا حساسيت ڪيترن ئي سالن تائين رهندي آهي ۽ ڪنهن گدلاڻ مثال ڌوڙ، دز، دونهين يا سياري جي ڪري به فوري طور تي سُڄي يا سڪڙجي وينديون آهن.
- جينياتي اثر
سهڪو يا دم گهڻي قدر موروثي بيماري هوندو آهي جيڪڏهن ڪٽنب جي ڪنهن به ڀاتي ۾ دم جو مرض آهي ته ٻين ماڻهن کي به ان جا خطرا گهڻا هوندا آهن. جينيتائي بيماريون گهڻي قدر دائمي هونديون آهن ۽ مڪمل طور تي ختم ناهن ٿينديون رڳو انهن کي ضابطي ۾ رکي سگهبو آهي.
- ماحولياتي عمل
دونهون، پولن، ٿڌي هوا، پالتو جانورن جا وار، ڪيميڪل، ڪوهيڙو، جراثيم يا مٽي جا ذرڙا اهي سڀ دم جي حملي جو سبب بڻجي سگهن ٿا. جيڪي سدائين موجود هوندا آهن. انڪري دم ٻيهر پيدا ٿيندو آهي.
- مدافعتي نظام جي تبديلي (Immune Dysregulation)
دم اصل ۾ مدافعتي نظام جي انتهائي ردعمل واري بيماري آهي. جسم ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڳالهين تي به رد عمل ڏيندو آهي جيڪو عام ماڻهن تي اثر ناهي وجهندو.
- دوائن جو عارضي اثر
دم جون دوائون (مثال طور انهيلر Corticosteroids) علامتن کي عارضي طور تي ڪنٽرول ڪنديون آهن پر انکي پاڙئون ختم ناهن ڪنديون. جيئن ئي دوا بند ڪئي ويندي عوامتون واپس اچي وينديون.
- جسماني بيهڪ ۾ تبديلي
جيڪڏهن دم ڊگهي عرصي تائين رهي ته ڦڦڙن جي رڳن ۾ مستقبل بنيادن تي تبديلي اچي سگهي ٿي جنهن کي ٻيهر نارمل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.