نيو يارڪ (امتياز گل) اڳوڻي سفير ميجر جنرل (ر) اعجاز اعواڻ چيو آهي ته افغانستان واري دور کانپوءِ پاڪستان جي جيو اسٽريٽجڪ اهميت گهٽجي وئي هئي، پر ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ ۽ ڀارت-پاڪستان تڪرار کانپوءِ اها اهميت ٻيهر اجاگر ٿي آهي. اعجاز اعواڻ موجب، ڀارت ۽ اسرائيل عارضي طور جنگي سرگرمين کان پوئتي هٽي ويا آهن، پر خطرو برقرار آهي ته ڀارت مستقبل ۾ ٻيهر ڪا وڏي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، جيڪا خطي لاءِ انتهائي خطري واري هوندي. هن چيو ته ايران تي اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملي کانپوءِ ايران 48 ڪلاڪن ۾ سخت جواب ڏئي خطي ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ايران تي حملن سان اهو تاثر ٽٽي ويو آهي ته نيوڪليئر ملڪ هجڻ ڪري ڪو محفوظ آهي، ۽ خطي ۾ ڪا به ڪارروائي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اعجاز اعواڻ موجب، چين پنهنجي نان-انٽرفيئرنس پاليسي تحت سڌي مداخلت کان پاسو ڪيو، جڏهن ته روس يوڪرين جي جنگ ۾ الجهيل هجڻ سبب خطي ۾ سرگرم نه رهيو. ان مان واضح ٿئي ٿو ته ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ دوران چين ۽ روس جو ڪردار محدود رهيو. هن چيو ته پاڪستان لاءِ هاڻ ضروري آهي ته هو چين سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري، ڇو ته چين واضح طور تي پاڪستان جي استحڪام کي سي پيڪ ۽ ٻين اسٽريٽجڪ منصوبن لاءِ ضروري قرار ڏنو آهي.