سون اگهه ۾ اوچتو وڏي واڌ، هزارين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي في تولي اگهه ۾ اوچتو وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون في تولو 6600 رپيا مهانگو ٿيڻ سان 3 لک 56 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 5658 رپيا واڌ بعد 3 لک 5 هزار 898 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ جو رجحان رهيو، جتي في اونس سون 66 ڊالر واڌ کانپوءِ 3348 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سون في تولو 800 رپيا مهانگو ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.