ڪي اليڪٽرڪ ڊيوٽي مد ۾ اوڳاڙيل 700 ملين سنڌ حڪومت کي ڏيڻ تي راضي

ڪراچي رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ طرفان صارفين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي جي مد ۾ وصول ڪيل 32 ارب رپين جي سنڌ حڪومت کي ادائگي نه ٿيڻ واري مامري تي پي اي سي فيصلو ڪيو ته جيستائين ڪياليڪٽرڪ جون ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ سنڌ حڪومت جي ٻين ادارن ڏانھن 30.9 ارب رپين جي رھتن جي ادائگي جو مامرو حل نٿو ٿئي، تيستائين ڪي اليڪٽرڪ سيپٽمبر 2024ع کان هر مهيني صارفين کان وصول ڪيل ڊيوٽي جي مد ۾ 700 ملين رپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪندي، سومر ڏينھن پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرن قاسم سراج سومرو، خرم ڪريم سومرو، مخدوم فخرالزمان، اليڪٽرڪ جي سعديه دادا، واٽر ڪارپوريشن جي انجنيئر اسدالله خان، سيڪريٽري انرجي مشتاق احمد، ڊي جي آڊٽ سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي، نثار کهڙو پڇيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي ڪيترن صارفين کان ڊيوٽي جي مد ۾ ڪيترا پئسه وصول ڪري رهي آهي؟ سعديه دادا ٻڌايو ته تقريبن 65 لک گهرن کان 6 سيڪڙو ڊيوٽي جي حساب سان هر مهيني 500 کان 700 ملين رپيا وصول ٿين ٿا، چيئرمين سوال ڪيو ته جڏهن ته صارفين کان اليڪٽرڪ ڊيوٽي وصول ڪئي وڃي ٿي ته اها سنڌ حڪومت کي ڇو نٿي ڏني وڃي؟ جڏھن ته ڪي اليڪٽرڪ اھا رقم پاڻ وٽ رکڻ جي مجاز ناھي، ڇا ڪي اليڪٽرڪ اها رقم هڙپ ڪرڻ چاهي ٿي؟ قاسم سومرو خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ اها رقم نه ڏني ته پارليامينٽيرين وانگر ان تي به پابندي لڳي سگهي ٿي. سعديه دادا ٻڌايو ته ڪي اي نقصان ۾ وڃي رھي آھي پر اپريل 2024ع ۾ 721 ملين ۽ مئي 2024ع ۾ 545 ملين رپيا ڊيوٽي جي رقم سنڌ حڪومت کي ادا ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جون ڪراچي واٽر ڪارپوريشن ڏانهن 23.5 ارب ۽ سنڌ حڪومت جي مختلف ادارن ڏانهن 7.4 ارب رهتون آهن جيڪڏھن اهي ادارا رهتون ادا ڪن ته پوءِ ڪي اليڪٽرڪ سنڌ حڪومت کي صارفين کان ڊيوٽيءَ جي مد ۾ وصول ڪيل باقي مڪمل رقم به ادا ڪندي، قاسم سومرو چيو ته اِهو شرط ئي غيرقانوني آهي جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ عوام کان وصول ڪيل ڊيوٽيءَ جي مد ۾ 32 ارب روپيا سنڌ حڪومت کي ادا نه ڪندي ته پوءِ سنڌ حڪومت لون سمجهي 32 ارب روپين تي وڌيڪ فنانشل چارجز لاڳو ڪندي، ڪراچي واٽر ڪارپوريشن وري 23.5 ارب روپين جي ڪي اليڪٽرڪ جي رهتن جي ادائيگي جو ذميوار وفاق حڪومت کي قرار ڏيندي انجنيئر اسدالله خان ٻڌايو ته 14 نومبر 2005ع ۽ 13 اپريل 2009ع ۾ وفاقي حڪومت ۽ ابراج گروپ وچ ۾ معاهدو ٿيو هو ته واٽر بورڊ، هاءِ ڪورٽ، جيلن سميت اسٽريٽجڪ ڪسٽمرز جيڪڏهن بجلي جي بلن جون رهتون ادا نه ڪندا ته اها رقم وفاقي حڪومت ادا ڪندي ۽ ان معاهدي ۾ واٽر بورڊ ۽ سنڌ حڪومت جون صحيحون ناهن ان لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جون واٽر بورڊ ڏانهن 23.5 ارب جون رهتون واٽر بورڊ کي نه پر وفاقي حڪومت کي ادا ڪرڻيون آهن، جنهن بعد پي اي سي ادارن ڏانهن رهتن جي ادائيگي جو وارو معاملو سنڌ ڪابينا کي موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ پي اي سيءَ اهڙن رهتن جي ادائيگي جو معاملو حل ٿيڻ تائين ڪي اليڪٽرڪ کي سيپٽمبر 2024ع کان هر مهيني صارفين کان ڊيوٽيءَ جي مد ۾ وصول ٿيندڙ 500 کان 700 ملين روپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻ جو پابند بڻايو جنهن تي ڪي اي پڻ اتفاق ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.