تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي بابت پنهنجو رويو ۽ لهجو بدلائڻو پوندو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي رويي آيت الله خامنه اي جي لکين حقيقي پيروڪارن جون دليون زخمي ڪيون آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ ايراني سپريم ليڊر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو هو ته ”اسان جنگ کٽي ورتي آهي“، ۽ آيت الله خامنه اي جي بيان جي نقل ڪندي طنزيه انداز ۾ چيو ” اسان کٽي وياسين!“
ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف ايران جنگي ۽ سياسي بيانن سان آمريڪا جي پاليسين تي تنقيد جاري رکيو آهي.
You might also like