آمريڪي صدر غزا ۾ جنگبندي بابت وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ”اسان کي لڳي ٿو ته غزا ۾ ايندڙ هفتي دوران جنگبندي ممڪن آهي.“
اوول آفيس ۾ ڪنگو ۽ روانڊا جي وچ ۾ هڪ معاهدي تي صحيحن دوران ٽرمپ وضاحت ڪئي ته هو سمجهي ٿو ته غزا ۾ جنگبندي ويجهو آهي.
هن چيو ته ”مان ڪجهه اهڙن ماڻهن سان ڳالهايو آهي، جيڪي اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ شامل آهن.“
ٽرمپ انهن ماڻهن جا نالا ظاهر نه ڪيا، پر هو اڳ ۾ به مختلف موقعن تي ان ڳالهه تصديق ڪري چڪو آهي ته هو ايران-اسرائيل جي جنگ دوران اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان رابطي ۾ هو.
ٽرمپ موجب،” اسان ان علائقي(غزا) ڏانهن تمام گهڻو پئسو موڪلي رهيا آهيون، کاڌو ۽ امداد پڻ موڪلي رهيا آهيون، اسان سڌي ريت ان تڪرار ۾ شامل نه آهيون، پر هڪ حد تائين آهيون به ڇو ته ماڻهو مري رهيا آهن.“
واضح رهي ته آمريڪي صدر اربع ڏينهن به هڪ بيان ۾ چيو هو ته سندس خاص نمائندي اسٽيورٽ ڪوهن کيس آگاهه ڪيو آهي ته غزا ۾ جنگبندي ”تمام ويجهو“ آهي.
ٻئي پاسي، حماس جي پرڏيهي لاڳاپن جي عمکدار ۽ سياسي بيورو جي ميمبر باسم نعيم بي بي سي کي ڏنل بيان ۾ تصديق ڪئي ته غزا ۾ جنگبندي بابت ”في الحال ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.“
هوڏانهن روئٽرز باخبر ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته واشنگٽن ۾ اسرائيلي سفير رون ڊرمر سومر کان غزا ۽ ايران بابت ٽرمپ انتظاميا جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو وائٽ هائوس جو دورو ڪري سگهي ٿو، پر ان جي تاريخ اڃا طئي نه ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.