سوات (ويب ڊيسڪ) سوات درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ هڪ ٻئي سياح جو لاش هٿ آيو آهي.
ضلعي انتظاميا موجب، ڪالهه صبح اوچتو آيل ٻوڏ سبب مختلف هنڌن تي درياهه سوات ۾ 70 ماڻهو ڦاٿل هئا، جن مان 55 کي بحفاظت بچايو ويو، جڏهن ته ٻين ماڻهن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.
هاڻي اطلاع مليو آهي ته درياهه مان هڪ ٻئي سياح جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي.
You might also like