مدي خارج سڃاڻپ ڪارڊن تي جاري سمن خلاف گرينڊ آپريشن جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن ۽ مدي خارج قومي سڃاڻپ ڪارڊن تي جاري ٿيل موبائل سمن خلاف 30 جون کان وڏو آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نادرا، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي اهڙن سمورن قومي سڃاڻپ ڪارڊن جو مڪمل رڪارڊ مهيا ڪري ڇڏيو آهي، جن تي موبائل سمون جاري ٿيل آهن.
رڪارڊ ملڻ بعد پي ٽي اي، موبائل سمون بند ڪرڻ جي مرحليوار منصوبي کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، فوت ٿي ويل۽ مدي خارج ڪارڊن تي هلندڙ سمون هڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري ويون هيون، آن لائن بئنڪنگ ۽ ڪاروبار ڪندڙ شهرين روزانو لکين، ڪروڙين رپين جي جعلسازي جو شڪار ٿي رهيا هئا.
جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته اڪثر فراڊ لاءِ جيڪي موبائل نيٽ ورڪ استعمال ٿيا، اهي سمون هيون جيڪي اهڙن سڃاڻپ ڪارڊن تي رجسٽرڊ هيون جن جو مدو ختم ٿي ويو آهي يا جن جا مالڪ فوت ٿي چڪا هئا.
ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي 30 جون کان ملڪ گيرگرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نادرا طرفان مهيا ڪيل ڊيٽا ۾ انهن سڀني قومي سڃاڻپ ڪارڊن جي فهرست شامل آهي جن تي هزارين سمون هلندڙ آهن.
نادرا جي تجويز موجب، اها ڪارروائي ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.
پهريون مرحلو 30 جون 2025 کان شروع ٿيندو، جنهن دوران اهڙن ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪيون وينديون جن جو مدو 2017ع ۾ پورو ٿي چڪو آهي.
ٻيو مرحلو 30 نومبر 2025 تي شروع ٿيندو.
ٽيون ۽ آخري مرحلو 31 ڊسمبر 2025 تي مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ اهڙيون سمون مڪمل طور بند ڪيو ويندو.
پي ٽي اي اختيارين موجب، شهرين کي فراڊ کان بچائڻ لاءِ هي آپريشن نادرا سان گڏجي شروع ڪيو پيو وڃي.
نادرا اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ماڻهن يا مدي خارج ڪارڊن جي وارثن کي گهرجي ته هو پنهنجو رڪارڊ درست ڪرائن ته جيئن سمون پنهنجي نالي تي منتقل ڪرائي سگهن.
نادرا واضح ڪيو آهي ته جيڪي قومي سڃاڻپ ڪارڊ مدري خارج ٿيڻ يا فوتگيءَ سبب بند آهن، جيڪڏهن انهن جا وارث نادرا ۾ رڪارڊ درست نه ڪرائيندا ته 30 جون کان پي ٽي اي اهڙين سڀني موبائل سمون کي بلاڪ ڪري ڇڏيندو.
هي قدم ملڪ ۾ سائبر ڪرائيم مالي فراڊ کي روڪڻ، عوام کي تحفظ مهيا ڪرڻ ۽ ڊجيٽل سيڪيورٽيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ کنيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.