پشاور ( ويب ڊيسڪ) سوات درياهه ۾ تيز وهڪري سبب خوازه خيلا وٽ پاڻيءَ جي سطح 77782 ڪيوسڪ تائين پهچي وئي، جنهن کانپوءِ درياهه ۾ انتهائي درجي جي ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
هنگامي حالتن کي منهن ڏيندڙ صوبائي اداري پي ڊي ايم اي موجب، طوفاني برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل خطرناڪ صورتحال سبب پشاور، چارسدا ۽ نوشهرا ضلعن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.
پي ڊي ايم اي طرفان ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته انساني جانيون، چوپايو مال، فصل بچائڻ لاءِ ترت جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.
پي ڊي ايم اي خيبر پختونخوا جي سڀني ضلعن کي امڪاني ٻوڏ متاثر علائقن ۽ ڪمزور هنڌن جي ترت نشاندهي ڪرڻ ۽ اتي حفاظتي بندوبست يقيني بڻائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.
ان کانسواءِ ريسڪيو 1122، سول ڊفينس ۽ ٻين هنگامي ادارن کي هيٺائين ۽ حساس علائقن ۾ هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪابل درياهه ۽ ان جي مددگار درياهن جي ڪنارن تي آباد ماڻهن کي به وقت سر خطري کان آگاهه ڪيو وڃي.
ضلعي انتظاميا کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ۽ رليف ڪئمپن ۾ خوراڪ، دوائن ۽ رهائش جون سهولتون فوري طور مهيا ڪيون وڃن.
پي ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي به چيو آهي ته جيڪڏهن پاڻيءَ چاڙهه يا رستن جي بندش جو خطرو ٿئي ته مشينري ۽ ضروري سامان اڳواٽ ئي اهم هنڌن تي پهچايو وڃي ته جيئن ٻوڏ سبب بند ٿيندڙ اهم شاهراهن کي کولڻ ترت بحاليءَ جا قدم کنيا وڃن.
پي ڊي ايم اي جو صوبائي ايمرجنسي آپريشن سينٽر 24 ڪلاڪ کليل آهي ۽ شهرين کي چيو ويو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال يا ڄاڻ لاءِ هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪن.