ايپل جا نوان آءِ فون ماڊل ته سپٽيمبر ۾ متعارف ڪرايا ويندا، پر ان حوالي سان ليڪس جو سلسلو جاري آهي.
هاڻي هڪ نئين ليڪ ۾ آءِ فون 17 پرو جي امڪاني ڊزائن جي پهرين جھلڪ سامهون آءِ آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس جي هڪ واهپيدار آءِ فون 17 پرو جي ڊمي ماڊل جون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن.
هن سال جا آءِ فون 17 پرو ماڊل جا بيڪ ڊزائن گذريل ورجنز کان مختلف هوندا.
ياد رهي ته 2020ع ۾ آءِ فون 11 جي لانچ کانپوءِ ايپل جي سمارٽ فونز جي ڪئميرا ڊزائن ۾ ڪا وڏي ڦيرڦار ڏسڻ ۾ ناهي آئي.
آءِ فون 17 سيريز ۾ پوئين حصي تي اسڪوائر ڪئميرا سيٽ اپ ختم ڪيو ويندو ۽ ان جي جاءِ تي نئين ڊزائن هوندي.
حقيقت ۾ آءِ فونز جو بيڪ ڪئميرا ڊزائن گوگل پڪسل فونز جي پِل (pill) ڪئميرا بار جهڙو ٿي ويندو.
هڪ وڏي ڪاري پٽي ۾ ٽي ڪئميرائون، فليش لائيٽ ۽ ٻيا حصا شامل هوندا.
ان کان اڳ آءِ فون 17 ايئر بابت به ڪيئي ليڪس سامهون آيون هيون ته هي فون ايپل جو سڀ کان سنهو آءِ فون هوندو، جنهن جي ٿولهه رڳو 5.5 ملي ميٽر هوندي ۽ پوئين پاسي هڪ ڪئميرا هوندي.
ان کانسواءِ ايپل اي 19 چِپ ۽ ٻيا فيچرز آءِ فون 17 اسٽينڊرڊ وانگر هوندا، جڏهن ته قيمت اٽڪل نوَ سئو ڊالرز هوندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهو ايپل جو پهريون اهڙو فون ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪو به پورٽ نه هوندو.
يعني واقعي اهو هڪ ”پورٽ فري آءِ فون“ هوندو، جنهن بابت ڪيئي ورهين کان افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
هينئر تائين اهڙو ڪو ٻيو سمارٽ فون ناهي آيو جنهن ۾ مڪمل طور تي پورٽ نه هجي، تنهنڪري اهو نه رڳو دنيا جو سڀ کان سنهو فون هوندو، پر پهريون پورٽ فري فون به هوندو.