ڪيترن ئي تازي مطالعن مان ثابت ٿيو آهي ته حمل دوران عورتن جو گهڻو وزن ٻارن ۾ انفيڪشن جا خطرا وڌائي سگهي ٿو.
بي ايم جي ميڊيسن جي هڪ مطالعي ۾ 9،540 ٻارن جو تجزيو ڪيو ويو جيڪي 2007-2011 جي دوران برطانيا ۾ ڄاوا هئا جن مائرن جو پهرين ٽه ماهي ۾ 35 کان وڌيڪ باڊي ماس انڊيسڪ (بي ايم آءِ) هئو، انهن ٻارن جا اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هئا.
عالمي طبي اداري سڊريپ جي هڪ رپورٽ موجب گريڊ 2 ۽ 3 ٿولهه واري مائرن جي ٻارن ۾ 15 سالن تائين انفڪيشن جي ڪري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي خطرن جو شڪار ٿيا.
نيچر نالي ميگزين ۾ هڪ وڌيڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته پهرين سالن ۾ چمڙي، ڪَن ۽ ساهه جي نَلي جا انفيڪشنز ٿولهه واري مائرن جي ٻارن ۾ گهڻو عام هئا.
سبب
- ٿولهه جي حالت ۾ ڳورهاري عورت جو جسم لڳاتار طور تي سوڄ لاءِ سازگار ماحول ۾ رهندو آهي جنهن سان ان جو مدافتعي ردعمل تبديل ٿيندو آهي. اها ئي تبديلي ٻار تائين منتقل ٿي سگهي ٿي.
- دن جي نالي ذريعي ٻار تائين پهچندڙ خوراڪ ۾ سوڄ واري جزن جي موجودگي ٻار جي مدافعتي نظام کي متاثر ڪندي اهي. جنهن سان انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو آهي.