ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان سمھڻ جو وقت چونڊي سگھن ٿا، رات جو دير تائين جاڳي سگھن ٿا يا جلد سمهي صبح جو سوير اٿي به سگهن ٿا. پر ڪجهه ماڻھن لاءِ رات جو دير تائين جاڳڻ جي عادت زندگيءَ جو معمول بڻجي ويندي آهي. اها عادت صحت ۽ ذاتي زندگيءَ لاءِ نقصانڪار سمجهي وڃي ٿي ۽ هاڻي ماهرن هڪ ٻيو نقصان به ڳولي لڌو آهي. نيدرلينڊز ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب رات جو دير تائين جاڳڻ وارن ماڻهن ۾ دماغي ڪمزوري جو خطرو صبح جلد اٿڻ وارن جي ڀيٽ ۾ گھڻو هوندو آهي.
"يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر گروننگن” جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڄڪلهه وڏي عمر جي ماڻهن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ ڊيمينشيا جا مريض به وڌي رهيا آهن، تنهن ڪري دماغي ڪمزوريءَ جي خطري بابت ڄاڻ ضروري آهي. تحقيق دوران ڪيترن ماڻهن کان انهن جي ننڊ جا عادت بابت سوالناما ورتا ويا، جنهن جي مدد سان محقق ڄاڻي سگھيا ته ڪهڙا ماڻهو صبح جلد اٿندا آهن، ڪهڙا رات دير تائين جاڳن ٿا ۽ وچ واري گروپ کي الڳ رکيو ويو. پوءِ انهن ماڻهن جي دماغي صلاحيتن جو 10 سالن تائين جائزو ورتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته رات دير تائين جاڳڻ وارن ۾ دماغي ڪمزوري تيز رفتار سان وڌي ٿي، جڏهن ته صبح جلدي اٿڻ وارن ۾ اهو عمل سست هوندو آهي. ماهرن ٻڌايو ته رات دير تائين جاڳڻ وارن ۾ گهڻي قدر سگريٽ واپرائڻ، خراب خوراڪ ۽ ورزش جي گهٽتائي جهڙيون عادتون ڏٺيون ويون. سگريٽ نوشي ۽ خراب ننڊ دماغي ڪمزوريءَ جو خطرو 25 سيڪڙو تائين وڌائيندي آهي.
تحقيق مان اها به خبر پئي ٿي ته ٻار صبح جلدي اٿڻ وارا ٿين ٿا، پر بلوغت کان پوءِ انهن جي ننڊ جا نمونا تبديل ٿيندا آهن. 40 سالن جي عمر کان پوءِ دماغي ڪمزوري جو عمل شروع ٿيندو آهي، ۽ زندگيءَ جي طرز ۾ تبديليون آڻڻ سان ڊيمينشيا جي خطري کي گهٽائي سگھجي ٿو.