پيغامن جي ڀرمار مان پنهنجي ڪم جون ڳالهيون ڪڍو، واٽس جو نئون فيچر اچي ويو

واٽس ايپ طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) تي ٻڌل هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو واهپدارن کي گهڻو پسند ايندو.
هي فيچر چيٽس ۾ موجود پيغامن جي مختصر سمري تيار ڪري ڏيندو.
ان فيچر جو اصل مقصد اهو آهي ته واهپدارن ڪيترن ئي پڙهڻ کان رهجي ويل (ان ريڊ ) پيغامن کي مڪمل پڙهڻ کانسواءِ رڳو اهم نڪتن کان واقف ٿي سگهن.
ان لاءِ ميٽا اي آءِ کي پرائيويٽ طريقي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، جيڪو مختلف چيٽس ۾ موجود ڊگهن پيغامن مان اهم معلومات جي سمري تيار ڪندو.
ڪمپني جي بلاگ پوسٽ موجب، هي ٽول واهپدارن کي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو ته ڪنهن چيٽ ۾ ڪهڙي موضوع تي ڳالهه ٿي رهي آهي ته جيئن هو مناسب طريقي سان جواب ڏئي سگهن.
جڏهن به هي فيچر دستياب ٿيندو ته ” ان ريڊ پيغامن جي مٿان ”سمريز پرائيويٽلي“ جو آپشن نظر ايندو.
ان آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ سان ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ سرگرم ٿيندو ۽ ان پيغامن جا اهم نڪتا بيان ڪندو.
هن فيچر لاءِ ميٽا جي پرائيويٽ پروسيسنگ ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي ويندي ته جيئن واهپدارن جو ڊيٽا واٽس ايپ، ميٽا يا ڪنهن ٽئين ڌر تائين نه پهچي.
ڪمپني خاطري ڪرائي آهي ته تيار ڪيل سمري رڳو واهپيدار تائين محدود هوندي ۽ پرائيويسي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هن وقت ان کي گروپ چيٽس جو حصو نه بڻايو ويو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اي آءِ سمري وارو هي فيچر آپشنل آهي، يعني واهپيدار کي اهو پاڻ آن ڪرڻو پوندو.
هن فيچر کي ابتدائي طور آمريڪا ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ هلندڙ سال دوران ان کي ٻين ملڪن تائين وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.