اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان عماد شڪيل بٽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ (پي ايس بي ) جي طرفان ڏنل مانجهاندي جي دعوت ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو .
رپورٽن موجب، پي ايس بي عماد شڪيل کي اسلام آباد اچڻ لاءِ 5600 رپيا سفري خرچ طور ڏنا، جنهن تي هن شڪراني جو اظهار ڪندي چيو ته ”اهي پئسا ته رڳو ٽول ٽيڪس ۾ ئي ختم ٿي وڃن ٿا“
واضح رهي ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ طرفان هاڪي ٽيم جي ڇهن رانديگرن کي مانجهاندي جي دعوت ڏني وئي هئي، جن ۾ سفيان خان، رانا وحيد، عبدالله، منيب الرحمٰن ۽ حنان شاهد شامل هئا.
ان تقريب ۾ ٻين راندين سان سلهاڙيل رانديگرن کي به دعوت ڏني وئي، جن ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم ۽ نوح دستگير پڻ شامل هئا.
ٻئي پاسي پي ايس بي جي ترجمان خرم شهزاد چيو آهي ته عماد شڪيل بٽ هاڻي مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندو.
هن ٻڌايو ته هاڪي ٽيم جي هيڊ ڪوچ سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي ۽ عماد جي جيڪا به غلط فهمي هئي اِها ختم ڪئي وئي آهي.
You might also like