دبئي (ويب ڊيسڪ) فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ دوران اطالوي ٽي وي ميزبان ايلينورا انڪارڊونا تي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي لباس سبب سوشل ميڊيا تي تنقيد ٿي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڊيزن اسپورٽس چينل سان واڳيل ميزبان ايلينورا انڪارڊونا ميچ دوران مختصر لباس پهريو، جنهن سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو.
هي واقعو ائٽليٽيڪو ميڊرڊ ۽ پئرس سينٽ جرمن جي وچ ۾ ٿيل ميچ دوران پيش آيو، جنهن ۾ پئرس سينٽ جرمن، ميڊرڊ کي 0-4 تان شڪست ڏني.
پر شوقينن جي ڌيان جو مرڪز ميچ کان وڌيڪ ٽي وي ميزبان جو لباس رهيو، ميچ دوران انڪارڊونا سائڊ لائن رپورٽنگ ڪري رهي هئي.
سوشل ميڊيا تي ڏهه لک کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ انڪارڊونا کي ڪجهه صارفين نئين ”ڊيليٽا ليوٽا“ قرار ڏنو، جڏهن ته ڪيترن ئي کيس اڻ وڻندڙ لباس پهرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو.
ياد رهي ته انڪارڊونا کي ان کان اڳ به 30 مارچ 2025 تي، جڏهن هوءَ ٽي وي تي رپورٽنگ ڪري رهي هئي تڏهن به هڪ تڪراري لباس سبب تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو.
You might also like