آمريڪي اڏن تي حملو، قطر ايراني سفير کي طلب ڪري ورتو

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر، پنهنجي ملڪ ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي ايراني ميزائل حملن کانپوءِ ايراني سفير کي طلب ڪري ورتو.
عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، قطري پرڏيهي کاتي ايران پاران آمريڪي اڏي ”العديد“ کي نشانو بڻائڻ تي قطر ۾ مقرر ايراني سفير کي طلب ڪيو.
ٻئي پاسي، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته قطر ۾ موجود آمريڪي اڏي تي حملو ايران جي دفاعي حق تحت ڪيو ويو، جيڪو فقط آمريڪا خلاف هو ۽ ان جو قطر سان ڪو واسطو نه هو.
ترجمان جو چوڻ هو ته”هي قدم اسان جي ڀائيچاري ۽ دوست پاڙيسري ملڪ قطر خلاف قطعي نه آهي.“
ان کانسواءِ ايران جي نائب پرڏيهي وزير ماجد تخت روانچي قطري اختيارين کي پنهنجو پيغام ڏيندي چيو آهي ته ايران هڪ سٺي پاڙيسري طور تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي جاري رکڻ ۽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ياد رهي ته ايران، آمريڪا طرفان پنهنجي جوهري ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ قطر ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل فائر ڪيا هئا، پر ان حملي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.