ممبئي (ويب ڊيسڪ) تڪرارن جو شڪار ڀارتي ڀيٽر پرٿوي شا ايندڙ ڊوميسٽڪ سيزن کان اڳ ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن مان تبديلي (ٽرانسفر) جي درخواست ڏئي ڇڏي.
پرٿوي شا طرفان ايسوسيئيشن ڏانهن لکيل خط ۾ هن ممبئي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته کيس هن اداري مان جيڪي قيميتي موقعا مليا، انهن لاءِ هو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهي.
سندس چوڻ هو ته ممبئي جي سيٽ اپ جو حصو ٿيڻ سندس لاءِ هڪ اعزاز رهيو.
هن خط ۾ لکيو ته سندس ڪيريئر جي هن موڙ تي کيس ٻي رياست مان پروفيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، جيڪو کيس هڪ رانديگر طور اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو.
هن ايسوسيئيشن کان گذارش ڪئي آهي ته کيس نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ (اين او سي ) جاري ڪيو وڃي ته جيئن هو قانوني طور تي ٻي رياست جي نمائندگي ڪري سگهي.