فخر آ ته منهنجي سياسي تربيت محترمه بينظير ڀٽو ڪئي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياستدان نه پر هڪ نظريو هئي، مون کي خبر آهي ته منهنجي سياسي تربيت ان ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪئي، هوءَ هر مظلوم جو آواز ۽ هر ڪمزور جي اميد هئي، بينظير ڀٽو جو خواب هڪ ترقي يافته، بااختيار ۽ جمهوري پاڪستان هو، اسان محترمه جي مشن کي جاري رکڻ جو عهد ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.