بينظير هنرمند پروگرام جاري، صدر آصف زرداري نوجوانن لاءِ وڏا اعلان ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جديد ٽيڪنالاجي ماڻهن تائين منتقل ڪرڻ چاهيون ٿا.
ايوان صدر ۾ بينظير هنرمند پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته پروگرام ذريعي قوم جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي هنرمند بڻايو ويندو ۽ پروگرام تحت ڪمپيوٽر، جديد تعليم ۽ هنر سيکاريا ويندا، هنر سکي نوجوان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر نرسنگ جهڙي شعبي جي وڏي گهر آهي ۽ ٻارڙين کي ان شعبي ۾ تربيت فراهم ڪئي ويندي، هنرمند پروگرام ذريعي جرمن ۽ چيني ٻوليون به سيکاريون وينديون.
سندس چوڻ هو ته پ پ پنهنجي نظريي تحت عام ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ چاهي ٿي ۽ پورهيت جو ٻار به هنر سکي پنهنجي خاندان ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهي ٿو، اسان جديد ٽيڪنالاجي کي ماڻهن تائين منتقل ڪرڻ چاهيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.