شهدادپور جون ٻه ڀينرون شيلٽر هوم، هڪ ٻارڙي ۽ نينگر والدين حوالي

شهدادپور (ن ع آ ) شهدادپور ۾ ٽن ڇوڪرين ۽ هڪ نينگر جي اغوا ۽ زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ واري ڪيس جو ڊراپ سين ٿيو، گذريل ڏينھن ٽنهي ڇوڪرين ۽ نينگر جيڪي ڪراچي جي هڪ شيلٽر هائوس ۾  رهيل هئا، کي پوليس حراست ۾ ورتو ۽ 164 جي تحت بيان لاءِ شهدادپور جي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي ٽنهي ڀينرن ۽ نينگر پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا ۽ عدالت کي ٻڌايو ته انهن پنهنجي مرضي، خوشي ۽ بغير ڪنهن دٻاءُ جي اسلام قبول ڪيو آهي، عدالتي بيان ۾، ڇوڪرين ۽ نينگر واضح ڪيو ته انهن تي ڪو به زور، دٻاءُ يا لالچ نه هو، پر انهن پنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان اسلام قبول ڪيو هو، ھنن ٻڌايو ته وڏي ڀيڻ جيا ٻائي ٽي سال اڳ اسلام قبول ڪيو هو، جڏهن ته سندس ٻه ڀينرون ۽ سوٽ هني ڪمار هڪ سال اڳ اسلام قبول ڪيو هو، ٻئي طرف، ڇوڪرين ۽ نينگر مسلمان هجڻ ڪري، پنهنجي والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت جياٻائي (مريم) ۽ دياٻائي (خديجه)، جيڪي 18 سالن کان وڏيون آهن.، کي پوليس جي حفاظت هيٺ ڪراچي ۾ هڪ پناهه گاهه ۾ منتقل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. جڏهن ته ڇوڪري ڊنشا (سدره) ۽ نينگر هني ڪمار (رفيع)، جيڪي 18 سالن کان گهٽ عمر جا آهن، کي انهن جي نابالغ عمر جي ڪري انهن جي والدين جي تحويل ۾ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت  حڪم ڏنو ته انهن تي مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ نه وڌو وڃي.

هندو برادري جو احتجاج، عدالتي فيصلو قبول آهي: پنچائت صدر

شهدادپور: هندو پنچائت جي صدر ونود ڪمار عدالت جي فيصلي کي قبول ڪندي مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو، جڏهن ته ڇوڪرين ۽ نينگر جي بيان کان پوءِ هندو برادري سخت احتجاج ڪيو.

نارين کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار چار ڀائر آزاد

شهدادپور: عدالت الزام ثابت نه ٿيڻ تي ڇوڪرين ۽ نينگر کي اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار چئن ڀائرن محمد علي خاصخيلي، ذوالفقار خاصخيلي، مجيد خاصخيلي ۽ فرحان خاصخيلي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

، ٻئي طرف  هندو پنچائت جي صدر ونود ڪمار عدالت جي فيصلي کي قبول ڪندي مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو.

عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام سخت

شهداپور: ڇوڪرين ۽ نينگر جي گهر مان غائب ٿيڻ کانپوءِ، ڇوڪرين جي پيءُ شهدادپور سوائي روڊ جي رھندڙ چئن ڀائرن، محمد علي، فرحان خاصخيلي، ذوالفقار خاصخيلي ۽ مجيد خاصخيلي خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن سبب مقامي سطح تي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي هئي ڪالهه جمعي ڏينهن پوليس عدالت ۾ پيشي لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا هئا، جڏهن ته هن موقعي تي ڇوڪرين ۽ نينگر جي والدين کان سواءِ، هندو برادري جا ميمبر ۽ مسلم تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا، جنهن ماحول ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪئي، ٻئي طرف، ڊي ايس پي سيد تنوير شاهه صحافين کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم موجب قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن ۽ عدالتي حڪم موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ۽ ٻنهي ڇوڪرين کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي انهن جي پسند جي جاءِ تي منتقل ڪيو ويندو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.