واهپيدارن لاءِ ڪمائي جو اهم موقعو، يوٽيوب شارٽس ۾ انقلابي تبديلي

جيڪڏهن توهان يوٽيوب شارٽس ٺاهڻ پسند ڪريو ٿا ته هاڻي هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ ) ذريعي اِهو عمل وڌيڪ سولو بڻجي ويندو.
ڪمپني پاران گوگل ڊيپ مائنڊ جو اي آءِ وڊيو جنريشن ماڊل ويو 3 (Veo 3) يوٽيوب شارٽس جو حصو بڻايو پيو وڃي.
هاڻ توهان ڪئميرا يا وڊيو ايڊٽنگ ۾ مهارت کانسواءِ به ويو ٿري جي مدد سان يوٽيوب شارٽس وڊيوز تيار ڪري سگهندئو.
يوٽيوب چيف ايگزيڪٽيو نيل موهن ٻڌايو ته ويو ٿري اونهاري دوران ڪنهن به وقت سڌي ريت يوٽيوب شارٽس جو حصو بڻايو ويندو.
ڪانز لائنز فلم فيسٽيول دوران نيل موهن ٻڌايو ته اي آءِ ذريعي توهان کي لا محدود موقعا ملندا، هر فرد جيڪو ڪا ڪهاڻي شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، اهو پنهنجو خواب کي ڪيريئر ۾ بدلائي سگهي ٿو.
سولن لفظن ۾ ڪئميرا يا ايڊٽنگ کانسواءِ رڳو لکت ۾ هدايتون ڏئي توهان مختصر وڊيوز تيار ڪري يوٽيوب شارٽس ۾ پوسٽ ڪري سگهندئو.
واضح رهي ته هن وقت به يوٽيوب ۾ شارٽس وڊيوز لاءِ ويو ٽو ۽ ڊريم اسڪرين بئڪ گرائونڊ جنريشن ٽول موجود آهي، پر ويو 3 هڪ وڏي اپ ڊيٽ آهي.
هي اي آءِ ٽول لکت جي هدايتن پٽاندڙ مڪمل ڪلپس تيار ڪري سگهي ٿو جيڪي آڊيو ۽ وڊيو ٻنهي تي ٻڌل هونديون آهن ۽ ان تيار ڪيل وڊيوز بنهه حقيقي لڳن ٿيون.
في الحال ويو ٿري جو رڳو گوگل جي اي آءِ پرو يا اي آءِ الٽرا جا واهپيدار استعمال ڪري سگهن ٿا، ٻنهي پروگرامن لاءِ ماهوار فيس ادا ڪرڻي پوي ٿي.
پر جلد ئي هي اي آءِ وڊيو جنريشن ٽول يوٽيوب شارٽس لاءِ مفت دستياب هوندو.
هن ٽول ذريعي ڪيئي واهپيدار يوٽيوب مان ڪمائي ڪرڻ جي جي لائق به بڻجي سگهن ٿا، جڏهن ته هن وقت شارٽس مان ڪمائيندڙ ماڻهن جي آمدني مستقبل ۾ متاثر ٿي سگهي ٿي.
هڪ ڪاٿي موجب، هن وقت يوٽيوب جي ڀائيوار پروگرام ۾ شامل 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو شارٽس وڊيوز مان پئسا ڪمائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.