وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو شيڊيول جاري، انگلينڊ ميزباني ڪندو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايندڙ سال ٿيندڙ آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني انگلينڊ حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن جو شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
ايونٽ 12 جون کان شروع ٿيندو، پهريون سيمي فائنل 30 جون تي ۽ ٻيو سيمي فائنل 2 جولاءِ تي کيڏيو ويندو، جڏهن ته فائنل 5 جولاءِ تي ٿيندو.
روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت کي گروپ 1 ۾ رکيو ويو آهي ۽ ٻنهي ٽيمن ۾ دنگل 14 جون تي ٿيندو.
گروپ 1 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کانسواءِ آسٽريليا، ڏکڻ آفريقا ۽ گلوبل ڪواليفائر جون 2 ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته گروپ 2 ۾ انگلينڊ، دفاعي چيمپيئن نيوزيلينڊ، سريلنڪا، ويسٽ انڊيز ۽ گلوبل ڪواليفائر جون 2 ٽيمون شامل آهن.
ميگا ايونٽ ۾ 24 ڏينهن ۾ 33 ميچون کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.