شراب پيئندڙ هجي؟ تعليم، ڪردار يا پئسو! حفصه کي ڪهڙو مڙس گهرجي؟

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا ۽ ماڊل حفصه بٽ پنهنجي بڻجندڙ مڙس ۾ موجود خاصيتن بابت ڳالهايو آهي.

حفصه بٽ تازو هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي ۽ پيشوراڻي زندگي سان جڙيل ڪيترن ئي اهم موضوعن تي ڳالهايو. ان دوران اداڪارا نه رڳو تعليم ۽ ڪيريئر جي چونڊ تي روشني وڌي، پر انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ جي تجربي ۽ جلدي شادي بابت پنهنجي خيالن جو به اظهار ڪيو.

اداڪارا ۽ ماڊل پنهنجي بڻجندڙ مڙس ۾ موجود خاصيتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان جو پهريون مطالبو اهو آهي ته اهو شخص شراب پيئڻ جو عادي نه هجي.

حفصه بٽ واضح طور تي چيو ته هن پنهنجي ويجهي جي مشاهدي مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته شراب نوشي نه رڳو ڪنهن فرد کي پر ان جي سڄي خاندان کي متاثر ڪري ٿي، ان ڪري هوءَ پنهنجي لاءِ هڪ ذميوار ۽ صاف سٿرو ڪردار رکڻ وارو زندگي جو ساٿ چاهي ٿي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته هوءَ چاهيندي آهي ته سندس ٿيندڙ مڙس پڙهيل لکيل، پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ وارو ۽ مالي طور تي مستحڪم هجي، ڇو ته هوءَ زندگي ۾ سادگي ۽ استحڪام کي ترجيح ڏئي ٿي. هن چيو ته هوءَ ڪنهن هٿرادو يا غير حقيقي معيار جي زندگي بدران هڪ نارمل ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ چاهي ٿي.

ان موقعي تي حفصه بٽ فلمون ڀرڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته هوءَ مستقبل ۾ هن شعبي ۾ پاڻ کي آزمائڻ چاهي ٿي ۽ وڌيڪ تجربا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.