اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر، بابر اعظم کي ڏهاڪي جو عظيم رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ايرون فنچ قومي ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر بابر اعظم کي ڏهاڪي جو عظيم رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ ايرون فنچ بيگ بيش ليگ ۾ سڊني سڪسرز طرفان بابر اعظم کي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ جي سوال تي چيو ته پاڪستاني رانديگرن ۾ هن وقت بابر اعظم کان وڏو ڪو نالو ناهي، هو هن وقت ڏهاڪي جي عظيم ترين رانديگر طور سامهون آيو آهي.
هن چيو ته بابر اعظم سڄي دنيا ۾ پنهنجي ڪارڪردگي سان تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنو آهي، اسان جا شوقين اهڙي پليئر کي آسٽريلوي سرزمين تي کيڏندي ڏسڻ پسند ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.