پاڪستان نيشنز هاڪي ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) نيشنز هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان بهتر گول ايوريج جي بنياد تي ايونٽ جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جمعي تي پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ فرانس سان مقابلو ٿيندو.
ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ جاري ايف آءِ ايڇ نيشنز هاڪي ڪپ ۾ ملائيشيا کي جاپان خلاف ٻن گولن جي فرق سان ڪاميابي ضروري هئي پر جاپان آخري چئن منٽن ۾ گول ڪري پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو.
پوائنٽس ٽيبل تي پاڪستان ۽ ملائيشيا جون 4-4 پوائنٽون ٿي ويون پر هڪ گول وڌيڪ هجڻ سبب پاڪستان سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.