تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بچاءَ واري وزير ڪاٽز ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي سخت تنبيهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن اسرائيلي شهرين تي حملا جاري رکيا ته پوءِ ”صدام حسين جهڙو انجام“ ٿيندو.
اڱاري ڏينهن ڪاٽز جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته مان ايراني سپريم ليڊر کي خبردار ٿو ڪيان ته هو جنگي ڏوهن ۽ اسرائيلي شهرين تي ميزائل حملن کان مڙي وڃي، کيس ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي پاڙيسري ملڪ جي ان آمر جو ڪهڙو انجام ٿيو، جنهن اسرائيل خلاف اهو ئي رستو اختيار ڪيو هو.
You might also like