تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي هڪ اعليٰ ڪمانڊر اڱاري ڏينهن چيو آهي ته اسرائيل تي ڪيل ايراني ”ڪامي ڪازي (آپگهاتي) ڊرون حملا“ جلد وڌيڪ شدت اختيار ڪندا.
ايراني بري فوج جي ڪمانڊر جنرل ڪيومرث حيدري دعويٰ ڪئي ته ايراني ڊرون ڪاميابي سان اسرائيل ۾ هدفن کي نشانو بڻائي چڪا آهن.
ايراني خابرو ايجنسي ارنا موجب جنرل حيدري خبردار ڪيو ته دشمن ڄاڻي ڇڏي ته ايراني فوج طرفان هڪ نئون ۽ وڏن حملن جو سلسلو جديد هٿيارن سان شروع ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪلاڪن ۾ ان ۾ وڌيڪ شدت ايندي.
You might also like