گيري ڪرِسٽن پاڪستان ٽيم جي ڪوچنگ ڇڏڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ گيري ڪرِسٽن انڪشاف ڪيو آهي ته ٽيم جي معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت ۽ چونڊ واري عمل کان ڌار رکڻ جهڙين ڳالهين ڪم کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو، جنهنڪري هن عهدو ڇڏي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي هيڊ ڪوچ چيو ته پاڪستاني ٽيم سان ڪجهه مهينن جو سفر ڏاڍو ڏکيو گذريو، جلد ئي محسوس ٿي ويو ته هتي ڪم ڪرڻ سولو نه هوندو.
هن ٻڌايو ته جڏهن کيس سليڪشن واري عمل کان پري ڪيو ويو ته هڪ ڪوچ جي حيثيت سان ٽيم تي اثر انداز ٿيڻ ڏکيو بڻجي ويو، تنهنڪري هن پوئتي هٽڻ جو فيصلو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ٽيم جا معاملا رڳو ڪرڪيٽ جي ماڻهن وٽ هئڻ گهرجن، ٻاهرين مداخلت سان ٽيم جا اڳواڻ ٽيم کي پنهنجي حڪمت عمليءَ تحت نه هلائي سگهندا، جڏهن ته جيڪڏهن مداخلت نه هجي ته ٽيم بهتري ڏانهن وڌي سگهي ٿي.
ياد رهي ته گيري ڪرِسٽن گذريل سال اپريل ۾ پاڪستان جي وائٽ بال ٽيم جو ڪوچ مقرر ٿيو هو، پر هن رڳو 6 مهينن کانپوءِ ئي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.