تهران/تل ابيب (ويب ڊيسڪ ( ايران سومر جي صبح اسرائيل تي ٻيو وڏو ۽ شديد بيلسٽڪ ميزائل حملو ڪري ڇڏيو،. درجنين ميزائلن جي حملي سبب تل ابيب، بيت المقدس ۽ حيفا سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ 8 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
ايران جي تازي حملي ۾ حيفا پاور پلانٽ کي نشانو بڻايو ويو، جتي ميزائل لڳڻ سبب وڏي باهه لڳي وئي.
حيفا، تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ حملن کانپوءِ شديد خوف ۽ ڏهڪاءُ جي لهر پکڙجي وئي آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي بچاءَ واري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايراني حملن جي قيمت هاڻي تهران واسين کي چڪائڻي پوندي.
واضح رهي ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇنڇر کان جاري تازي ڇڪتاڻ دوران ٻنهي ملڪن طرفان هڪٻئي تي ميزائل حملا جاري آهن.
آچر جي ڏينهن ايران جي راڄڌاني تهران ۾ ڪار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 5 ايراني ايٽمي سائنسدانن جي شهادت پڻ رپورٽ ٿي آهي.
اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي انٽيليجنس چيف جنرل محمد ڪاظمي ۽ سندس نائب حسن محقق کي نشانو بڻايو آهي، جنهن جي تصديق ايراني سرڪاري ميڊيا پڻ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايران هڪ ئي ڏينهن ٻيهر درجنين بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن جي نتيجي ۾ تل ابيب ۽ بيت المقدس ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا ن ۽ ماڻهن ۾ افراتفري پکڙجي وئي.
تل ابيب جي هوائن ۾ دونهين جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا، جڏهن ته ايراني ميزائلن اسرائيل جي جوهري ٿاڪ ڊيمونا کي به نشانو بڻايو، ان کانسواءِڪيئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويون.
اسرائيل ملڪ اترين علائقن ۾ ايران جي جنگي جهازن جي موجودگي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته تهران ۾ پڻ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.
ايراني صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اسرائيلي حملن ۾ 224 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 90 سيڪڙو عام شهري شامل آهن.
ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب، تازي حملن ۾ 30 ميزائلن جي نئين کيپ تل ابيب ۽ حيفا ڏانهن رواني وئي، جن پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو آهي.
ايراني ميزائل حملن جي نتيجي ۾ اسرائيل ۾ ڪيترين گاڏين کي نقصان پهتو، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن کي باهه وڪوڙي ويئي آهي.
هوڏانهن ايراني فوج پنهنجي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حيفا جي بندرگاهه به ايراني ميزائلن نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ اتي تمام وڏو نقصان ٿيو آهي.
ايراني حملن اسرائيل کي ڌوڏي ڇڏيو، ڪيتريون ئي عمارتون مٽيءَ جو ڍير، تهران واسين کي قيمت چڪائڻي پوندي: اسرائيل جي ڌمڪي
Next Post
You might also like