متحده جي سياست جي سڀني کي خبر آهي،عوام هميشه رد ڪيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعت، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڳٺ جوڙ واضح ٿي چڪو آهي. هن چيو ته جيڪي پارٽيون ماضي ۾ سيٽن تي هڪٻئي سان وڙهي رهيون هيون، اهي اڄ اسيمبلي جي فلور تي گڏ بيٺل نظر آيون، اهو  نئين اتحاد جو پيغام ضرور آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي ان مان ڪو فرق نه پوي ٿو، سنڌ اسيمبلي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته متحده جي سياست جي سڀني کي خبر آهي، هي جماعت سدائين بلدياتي چونڊن کان ڀڄندي رهي آهي ڇو ته عوام ۾ ان جي ڪا مقبوليت باقي ناهي رهي. سنڌ جي عوام سدائين پيپلز پارٽي کي مينڊيٽ ڏنو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي مان دهشتگردي،  ٻوري بند لاشن، ڀتي خوري ۽ کلن واري سياست جو خاتمو آندو آهي.هن چيو تھ ايم ڪيو ايم اڄ اسيمبلي ۾ جيڪا رويو اختيار ڪيو، اهو محرومي جو نتيجو آهي. ايران تي حملي جو بهانو بڻائي جيڪو ڊرامو رچايو ويو، اهو به ظاهر ٿي چڪو آهي. وزيراعليٰ سنڌ پنهنجي تقرير جي شروعات ايران تي بزدلاڻي حملي جي مذمت سان ڪئي، پر اپوزيشن ان موقعي تي به منفي سياست ڪئي،بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته حڪومت سنڌ هڪ عوام دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، گريڊ 1 کان 16 تائين ملازمن جون پگھارون12 سيڪڙو ۽ گريڊ 17 کان مٿي ملازمن جون پگھارون 10 سيڪڙو وڌايون ويون آهن، سنڌ جي توانائي ۽ ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پڻ ان موقعي تي چيو ته اڄ جو احتجاج وزيراعليٰ سنڌ کي نشانو بڻائڻ هو، سنڌ جي وڏي وزير، چيئر،مين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن کي عملي روپ ۾ آندو آهي، اهو اپوزيشن جي سياست جي خاتمي جو سبب بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.