اسرائيل جي ايران تي حملي سان خطو جنگ جي ور چڙھي ويندو

وچ اوڀر ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ دوران اسرائيل جي ايران تي حملي سان ھي خطو وري جنگ جي ور چڙھي ويو آھي. دنيا لاءِ امن جو خواب ٽٽي رھيو آھي.مسلمان ملڪن وچ ۾ اسرائيل واحد ملڪ  ھوندي سمورن مسلمان ملڪن کي سٽي ڪٽي پنھنجن ۽ سامراج جي مفادن جو پورائو ڪرڻ ۾ رڌل آھي.پر مسلمان ملڪ خاموش تماشائي ٿي ويا آھن.  آمريڪي صدارتي واڳ  ٻيو ڀيرو سنڀاليندي ڊونلڊ ترمپ جيتوڻيڪ ھلندڙ جنگين کي روڪرائڻ جي ڳالھھ ڪئي ھئي پر تاحال يوڪرين ۽ غزا تي مڙھيل اسرائيل جي جنگ ختم نھ ٿي سگھي آھي مٿان وري وچ اوڀر ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جنگ ۾ بدلجي وئي آھي.

تازو ئي وچ اوڀر ۾ وڇايل بساط تحت اسرائيل غزا ۾ فلسطينن کي قتل ڪرڻ بعد لبنان ۾ حزب الله سان جنگ ڪري ان جي چيلهھ ڀڃي ڇڏي، ان وچ ۾ عالمي سازش ھيٺ شام ۾ بشارت اسد جي حڪومت ڊاھي اتي ھڪ ڊمي حڪومت جوڙي وئي.جنھن سان غزا ۾ حماس جي حمايت ڪندڙ قوت جون ڪڙيون ٽٽي پيون.عام خيال آھي تھ ايران عزا ۾ حماس،لبنان ۾ حزب الله ۽ شام ۾ ايران جي حامي ڌڙن جي ھر طرح جي مدد ڪندو رھيو آھي. خطي ۾ ايران واحد ملڪ ھو جيڪو اسرائيل سميت دنيا جي سامراجي ڌرين جي ليڊر ملڪ آمريڪا سان ٽڪر کائڻ جو اعلان ڪندو رھندو ھو.ڪجهھ وقت اڳ شام ۾ رجيم چينج سان نھ رڳو ايران کي وڏو ڌڪ لڳو پر خطي ۾ طاقت جو توازن اسرائيل جي حق ۾ ٿي ويو.

آمريڪا يورپ ۽ اسرائيل جو خيال آھي تھ ايران جوھري قوت بڻجي رھيو آھي.جنھن ڪري اھڙي ڪنھن بھ اڀرندڙ خطري کي فوري طور تي روڪيو وڃي. جيتوڻيڪ ايران اھو چوندو رھيو آھي تھ سندس ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن جي لاءِ آھي پر سمجھيو وڃي ٿو تھ آمريڪا جي شھر تي اسرائيل ايران تي تازو حملو ڪيو آھي.

اسرائيل جمعي جي صبح ايران ۾ ”ايٽمي ۽ فوجي هدفن“ تي حملو ڪيو.جنھن ۾ ايراني هٿياربند فوج جي سربراهه محمد باقري، انقلابي گارڊز جي ڪمانڊر ان چيف حسين سلامي ۽ ڇهه ايٽمي سائنسدان مارجي ويا. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ايران جواب ۾ تقريبن 100 ڊرون لانچ ڪيا جيڪي انهن جي هدفن تي پهچڻ کان اڳ ئي روڪيا ويا. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جو چوڻ آهي ته اسرائيل ”هڪ تلخ قسمت جي چونڊ ڪئي آھي. ڪيو جنهن کي ھاڻي منهن ڏيڻو پوندو“.

اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو جو چوڻ آهي ته ايران تي حملي ‘آپريشن رائزنگ لائنز’ تحت ڪيا ويا. ھن جو چوڻ آھي تھ ايران ”اسرائيل جي وجود“ لاءِ خطرو پيدا ڪيو.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جو چوڻ آهي ته ايران تي حملي ۾ آمريڪا جو ڪو به ڪردار نه هو.

ميڊيا رپورٽ موجب اسرائيل هڪ ڀيرو وري نطنز ۾ هڪ اهم ايٽمي  سهولت واري ھنڌ کي نشانو بڻايو آھي.ايران جي پرڏيهي وزير اسرائيلي حملن کي ”جنگ جو اعلان“ قرار ڏنو آهي.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن کي هڪ خط لکيو آھي  تھ سلامتي ڪائونسل کي ”فوري طور تي  مسئلي کي حل ڪرڻ“ گھرجي.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آھي ته ايران کي اهو سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ کان اڳ هڪ معاهدو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته مون ايران کي ڊيل ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا ڏنا. ”مون ايران کي هڪ معاهدو ڪرڻ لاءِ چيو پر اهو نه ٿيو“. ساڳي وقت ميڊيا جي رپورٽس موجب اسرائيل وڌيڪ حملن جي رٿابندي  ڪري رهيو آهي.اسرائيل موجب هاڻي ايران جي هوائي دفاعي نظام کي به نشانو بڻايو ويندو.

غور ڪجي تھ ايران تي اسرائيلي حملي جو وقت  حيران ڪندڙ آهي. آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جي وچ ۾ آچر تي ملاقات طئي ٿيل آهي، جنهن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام تي بحران جو سفارتي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.ان وچ  ۾ اسرائيل صبح سوير حملو ڪري ڏنو. جنھن جو مطلب تھ دنيا ايران کي دليلن بدران طاقت سان جھڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. گذريل سال اسرائيلي هوائي حملي ايران جي هوائي دفاع کي وڏو نقصان پهچايو ۽ علائقي ۾ ايراني پراڪسي، خاص طور تي لبنان ۾ حزب الله کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيوھو.

خطي جي بيھڪ کي ڏسجي ٿو تھ اھڙي جنگ جو سڌو اڻسڌو اثر پاڪستان تي بھ پوندو آھي.جيتوڻيڪ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي.پر حملي ھيٺ آيل آيران ۽ پاڪستان جون سرحدوب پاڻ ۾ملن ٿيون.جنھن ڪري ان جي اثر کان بچڻ ممڪن نھ ھوندو.ڪي مبصر اھو بھ سمجھن ٿا تھ دنيا جي طاقتور ملڪ ايران کي وڌيڪ سوڙھو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي بھ مدد ڪرڻ يا وري دٻاءَ وجھي ڪري پنھنجي ڳالھھ مڃرائڻ چاھيندا.

خطي ۾ جنگ ڪنھن بھ پاڙيسري ملڪ جي لاءِ سک جو پيغام نھ آڻيندي آھي.جنھن ڪري ان جو  ملڪ اندر حڪومتي سطح تي توڻي علائقائي سطح تي ان  جو اثر پوندو. ممڪن آھي لڏپلاڻ جي صورت ۾ مھاجرن جو ھڪ لشڪر بھ ھن پاسي جو رخ ڪري.تنھنڪري پاڪستان کي ھن معاملي کي انتھائي نزاڪت ۽ نفاست سان منھن ڏيڻ گھرجي. ڪي مبصر ان خيال جا آھن تھ اسرائيل کي ڊپ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ هڪ نئين ايٽمي معاهدي تي ڳالهيون (جيڪي اپريل کان جاري آهي) ايران جي ايٽمي پروگرام جي تسلسل جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، جيڪو اسرائيل ڪنهن به حالت ۾ قبول نٿو ڪري سگهي.

ايران مسلسل ايٽمي هٿيارن جي ڳولا کان انڪار ڪيو آهي ۽ اصرار ڪري ٿو ته ان جو ايٽمي پروگرام صرف پرامن مقصدن لاءِ آهي، پر اولھھ جون طاقتون ۽ جوھري قوت واري عالمي  ايجنسي ايران جي موقف تي قائل ٿيڻ لاءِ تيار نھ آھن.

ھن جنگ ۾ ڪا بھ اڻ ٿيڻي ٿي سگھي ٿي.ڪي مبصر ان تي قائل آھن تھ شام جيان طاقتور ڌريون ھتي پڻ رجيم چينج ڪري صورتحال کي پنھنجي حق ۾ ڪري وٺن ۽ بنا ڪنھن خطري جي حڪمراني جو تسلسل جاري رکن. دنيا کي سفارتي ميدان تي سرگرمي ڏيکاريندي ھن جنگ کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ گھرجي ٻي صورت ۾ اھا وڌڻ سان ٻين ملڪن کي بھ لپيٽ ۾ آڻي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.