احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ ايئر انڊيا جو مسافر جهاز ايئرپورٽ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ عملي جي 12 ميمبرن سميت جهاز ۾ سوار 241 مسافر حياتي وڃائي ويٺا.
ڀارتي ميڊيا موجب، تباهه ٿيل جهاز ۾ گجرات جو اڳوڻو وڏو وزير روپاني به سوار هو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز ۾ 169 ڀارتي شهري، 53 برطانوي، هڪ ڪينيڊين ۽ 7 پرتگالي شهرين سميت 11 ٻار به موجود هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايئر انڊيا جي اُڏام اي آءِ 171 احمد آباد ايئرپورٽ تان روانگي وقت 322 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان رڳو 625 فوٽ بلنديءَ تائين اڏي سگهي ۽ پوءِ ٽيڪنيڪل خرابي سبب ڪِري تباهه ٿي وئي.
حادثو ڀارتي وقت موجب منجهند هڪ کان ٻه وڳي جي وچ ڌاران پيش آيو.
ٻئي پاسي حادثي کانپوءِ احمد آباد ايئرپورٽ تي فلائيٽ آپريشن بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.
فلائيٽ ريڊار موجب، اڏام ڀرڻ بعد هڪ منٽ کان به گهٽ وقت ۾ 625 فوٽ جي بلنديءَ تي جهاز سان رابطو ڪٽجي ويو هو.
هوڏانهن ڀارتي ڊي جي سول ايوي ايشن جو چوڻ آهي ته جهاز ڪرڻ کان اڳ هڪ لڳي 39 منٽن تي ڪئپٽن ”مي ڊي“ جي ڪال ڏني هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي جو شڪار بوئنگ 787 جهاز 11 سال پراڻو هو.
You might also like