دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) رانديگرن جي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن جي ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني ڪرڪيٽر جاءِ ناهي ٺاهي سگهيو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ موججب، بيٽرن ۾ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي پهرين ۽ ڀارت جي اڀيشيڪ شرما جي ٻي پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته ڀارت جي تلَڪ ورما هڪ درجو ترقيءَ کانپوءِ ٽئين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو فل سالٽ جي هڪ درجو تنزلي کانپوءِ چوٿين، جوز بٽلر هڪ درجو بهتري بعد پنجين ۽ سوريا ڪمار يادو هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ڇهين نمبر تي هليو ويو آهي.
بيٽنگ رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم ٻارنهين ۽ محمد رضوان تيرهين نمبر تي موجود آهن.
بالرن جي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي جيڪب ڊفي جي پهرين پوزيشن برقرار آهي، انگلينڊ جو عادل رشيد ٻه درجا بهتري کانپوءِ ٻي پوزيشن تي اچي ويو آهي ۽ ڀارت جي ورون چڪرورتي جي ٽِين پوزيشن برقرار آهي.
بالرن جي رينڪنگ ۾ ٽاپ ٽين ۾ ڪو به پاڪستاني بالر شامل ناهي، حارث رئوف ۽ عباس آفريدي هڪ، هڪ درجو ترقي ماڻيندي ترتيبوار 19 هين ۽ 20 هين نمبر تي پهچي ويا آهن.
ٽي ٽوئنٽي آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي هاردِڪ پانڊيا جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي.
Prev Post
You might also like