سون وري مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن هزارين رپيا لاٿ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ڇهه سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 52 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 514 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 2 هزار 297 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون ڇهه ڊالر چاڙهه کانپوءِ 3345 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.