بجيٽ ۾ ملڪيت جي منتقلي تي لاڳو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ تعميراتي شعبي جي حوالي سان اهم تجويزون پيش ڪري ڇڏيون.
بجيٽ ۾ ملڪيت جي خريداري تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح 4 سيڪڙو مان گهٽائي 2.5 سيڪڙو ۽ 3.5 مان گهٽائي 2 سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو مان گهٽائي 1.5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اهڙي ريت ڪمرشل ملڪيتن، پلاٽن ۽ گهرن جي منتقلي تي گذريل سال لاڳو ڪئي ويندڙ 7 سيڪڙو تائين فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.