اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ پگهادار طبقي لاءِ رليف جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بجيٽ تقرير موجب 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو مان گهٽائي رڳو هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
اهڙي ريت 12 لک سالياني آمدني واري پگهادارن تي ٽيڪس جي رقم کي 30 هزارن مان گهٽائي 6 هزار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
جيڪي ماڻهو 22 لک رپين تائين سالياني پگهار کڻندا آهن، انهن لاءِ گهٽ کان گهٽ ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو بدران 11 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
22 لک رپين کان 32 لک رپيا ساليانو پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو مان گهٽائي 23 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
You might also like