جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ (ڊبليو ٽي سي) جي فائنل لاءِ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي 11 رڪني پليئنگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڊبليو ٽي سي جو فائنل 11 جون کان لندن جي تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندو، جتي آسٽريليا پنهنجي ٽائيٽل جو دفاع ڪندي، جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم پهريون ڀيرو ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو تاج ماڻڻ کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي.
ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا طرفان جاري ڪيل بيان موجب، فائنل ميچ لاءِ ٽيم جي قيادت ٽيمبا باووما جي حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ايڊن مارڪرم، ريان ريڪلٽن، ويان مُلڊر، ٽرسٽن اسٽبس شامل آهن.
ان کانسواءِ ڊيوڊ بريڊنگهم، ڪائل وريانئي، مارڪو ينيسن، ڪيشو مهاراج، ڪگيسو ربادا ۽ لونگي نگيڊي به فائنل لاءِ ڏکڻ آفريڪي پليئنگ اليون جو حصو هوندا.
ٻنهي ٽيمن اهم مقابلي لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، ڪرڪيٽ شوقينن جي نظرون هاڻي لارڊز جي ان مقابلي تي کتل آهن جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي نئين بادشاهه جو فيصلو ڪندو.
You might also like