واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجا ايلون مسڪ سان لاڳاپا ختم ٿي چڪا آهن.
آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مسڪ ڊيموڪريٽس کي فنڊ ڏئي ٿو ته سنگين نتيجن کي منهن ڏيندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ ٽرمپ چيو ته منهنجو دنيا جي امير ترين شخص سان رشتو ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي خواهش به نٿو رکان، نه ئي مسڪ سان ڳالهائڻ جو ڪو ارادو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ انٽرنيٽ يا اسپيس ايڪس راڪيٽ لانچ ڪمپنين سان آمريڪي حڪومت جي معاهدن کي ختم ڪرڻ بابت ناهي سوچيو.
Next Post
You might also like