ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي رليز ڪيل ٻنهي ميگا ڪاسٽ ۽ ميگا بجيٽ فلمن ”ديمڪ“ ۽ ”لو گُرو“ شروعاتي هفتي ۾ ئي سٺي ڪمائي ڪري ورتي آهي.
سينيما ۽ باڪس آفيس ذريعن مطابق ٻنهي فلمن جا ڪيترائي شوز هائوس فل پيا وڃن.
”ديمڪ“ کي ان جي عڪس بندي، ڪهاڻي ۽ اعليٰ معيار جي خوفنڪ منظرن سبب ساراهيو پيو وڃي، ڏسندڙن فلم جي ڀوائتن منظرن جي واکاڻ ڪئي آهي.
”لو گُرو“ کي پڻ ان جي رومانوي، مزاحيا ۽ مصالحيدار ڪهاڻي سبب پسند ڪيو پيو وڃي ۽ ڏسندڙ همايون سعيد ۽ ماهرا خان جي ڪيمسٽري مان به خوش نظر اچن پيا.
سينما ۽ باڪس آفيس ذريعن مطابق توڙي جو چئن ڏينهن اندر ٻنهي فلمن ترتيب وار ڏهه ڏهه ڪروڙ رُپين جو سنگ ميل پورو نه ڪيو آهي پر انهن جي ڪمائي سٺي هلي رهي آهي.
ديمڪ ۽ لو گُرو کي پاڪستان جي سڀني شهرن جي سينيما گهرن ۾ چويهه ڪلاڪن دوران ڪيترائي ڀيرا ڏيکاريو پيو وڃي، ٻنهي فلمَن کي 2D ۽ 3D فارميٽ ۾ به پيش ڪيو پيو وڃي
ديمڪ جي هدايتڪاري رافع راشدي ڏني آهي، جنهن ۾ ثمينه پيرزاده، بشريٰ انصاري، جاويد شيخ، فيصل قريشي ۽ سونيا حسين جهڙي ميگا ڪاسٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.
لو گُرو جي هدايتڪاري نديم بيگ ڏني آهي ۽ هن فلم کي 25 ڪروڙ رُپين جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو آهي، فلم ۾ ڪيترين ئي اداڪارن مهمان اداڪارن طور به پنهنجا جلوا ڏيکاريا آهن.
You might also like