افسوس ته مريم نواز کي گٽر کولرائڻ لاءِ به پاڻ نڪرندو پوندو آهي: سعديه جاويد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد ن ليگ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ مڪاني نظام نه هجڻ عوام سان زيادتي آهي، جتي لوڪل گورنمينٽ مشينري ڪم نه ڪندي هجي اتي وزيراعليٰ کي اشتهار ڏيڻا پوندا آهن.
پنهنجي بيان ۾ سعديه جاويد چيو افسوس آهي ته پنجاب جي وزيراعليٰ کي ڪڏهن گٽر کولرائڻ ته ڪڏهن صفائي ڪرائڻ لاءِ پاڻ وڃڻو پوندو آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سنڌ جي مڪاني نمائندن ڀرپور ڪم ڪيو، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ صفائي بي مثال آهي.
هن چيو ته سنڌ جي ميئرز ۽ چيئرمينز جو ڪم مثالي آهي، هن عيد جا اصل هيروز سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جا ورڪر آهن، اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي بعد سنڌ جي عوامي نمائندن ڀرپور محنت ڪئي، پنجاب حڪومت جلد مڪاني چونڊون ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.