گرمي جي سخت لهر ۽ هيٽ ويو بابت الرٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پراونشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) پنجاب پاران گرمي جي لهر ۾ شدت بابت الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب پنجاب ۾ 12 جون تائين هيٽ ويو ۽ گرمي جي لهر جاري رهندي.
پي ڊي ايم اي جي پڌرائي مطابق پنجاب جي گهڻن ضلعن ۾ ايندڙ هفتي دوران گرمي جي لهر ۾ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ هيٽ ويو 12 جون تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان عرصي دوران صوبي ۾ گرمي ۽ هيٽ ويو جي لهر برقرار رهندي ۽ 12 جون تائين گرمي پد معمول کان 4 کان 7 ڊگري وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي ترجمان چيو ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هدايتن تي لاڳاپيل ادارا هاءِ الرٽ آهن ۽ سڀني اسپتالن ۾ هيٽ ويو ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءَ لاءِ ضروري دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.