ڪولمبيا جو صدارتي اميدوار قاتلاڻي حملي ۾ مرڻينگ

بوگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا جي صدارتي اميدوار ميگوئل اوريبي تي ريلي دوران قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بوگوٽا ۾ ٿيندڙ حملي ۾ ميگوئل اوريبي سخت زخمي ٿيو آهي ۽ سندس حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ڪولمبيا جي صدر واقعي جي مذمت ڪندي ميگوئل جي گهر ڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.