”پنج هزار کان وڌيڪ رضاڪار حاجين جي هيلٿ ڪيئر ۾ مدد ڪري رهيا آهن“

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي صحت واري وزارت چيو آهي ته هلندڙ سال حج سيزن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ هيلٿ ڪيئر رضاڪار حصو وٺي رهيا آهن، جيڪو حاجين لاءِ خدمتن جو معيار بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
سعودي پريس ايجنسي موجب اهي قدم هيلٿ سيڪٽر جي تبديلي ۽ الله جي مهمانن جي خدمت جي پروگرام جي هدفن موجب آهن، جيڪي ويزن 2030 جو حصو آهن.
ان جو مقصد حاجين کي اعليٰ معيار جي صحت جي خدمتن جي فراهمي آهي ته جيئن اهي حج آساني ۽ اطمينان سان ادا ڪري سگهن.
وزارت موجب رضاڪار ٽن اهم شعبن ۾ هيلٿ ڪيئر خدمتن ۾ مدد ڪندا آهن، انهن ۾ احتياطي قدم، علاج ۽ سپورٽ شامل آهي.
رضاڪارن جون خدمتون مختلف هنڌن تي آهن، جن ۾ مڪو پاڪ، منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه سان گڏوگڏ اسپتالون ۽ صحت مرڪز شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.