ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي وزيراعظم ملا محمد حسن اخوند حڪومت تبديلي دوران ملڪ ڇڏيندڙن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
عيد جي موقعي تي خطاب ڪندي افغانستان جي قائم مقام وزيراعظم چيو ته اهي افغاني، جن تي آمريڪا پنهنجي در بند ڪري ڇڏيا، وطن واپس اچي وڃن.
هن چيو ته اهي افغاني به واپس اچي سگهن ٿا، جن آمريڪي مقصدن لاءِ اسلامي نظام کي نقصان پهچايو، واپس ايندڙن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي نه ٿيندي.
واضح رهي ته آمريڪي فوج جي افغانستان مان نڪرڻ تي طالبان آگسٽ 2021 ۾ ڪابل جو ڪنٽرول سنڀاليو هو، طالبان جي حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ اولهه ملڪن ۽ آمريڪي انتظاميا سان گڏ ڪم ڪندڙ هزارين افغاني ملڪ ڇڏي هليا ويا هئا.
”واپس اچو ڪجهه نه ڪنداسين“ طالبان ملڪ ڇڏي ويندڙن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو
You might also like