ڄامشورو (ويب ڊيسڪ) ڄامشوري ۾ المنٻر پل وٽ ڪي بي فيڊر ۾ وهنجندي 4 نوجوان ٻڏي ويا، جن مان ٻن کي بچايو ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب افسوسناڪ واقعي ۾ ٻڏي فوت ٿيل ٻن نوجوانن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ٻن کي بچايو ويو آهي.
رپورٽن موجب چارئي نوجوان حيدرآباد مان تفريح لاءِ آيا هئا، فوتين ۾ 14 ورهين جو علي حيدر ۽ 20 ورهين جو مدثر پٽ سعيد شامل آهن.
You might also like