پرتگال ٻيو ڀيرو يوئيفا نيشنز ڪپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

پرتگال يوئيفا نيشنز ڪپ جي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن اسپين کي دلچسپ مقابلي بعد شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پرتگال جي ٽيم پينلٽي ڪڪس تي اسپين کي 3 جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏني.
مقرر وقت ۾ پرتگال ۽ اسپين جو اسڪور 2-2 گولن سان برابر رهيو، ٻئي ٽيمون واڌو وقت ۾ به ڪو گول نه ڪري سگهيون، جنهن سبب فيصلو پينلٽي ڪڪس تي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.