لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، دعا آهي ته پاڪستان اڳتي وڌي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪري.
نواز شريف لنڊن ۾ ريجنٽ پارڪ ۾ عيد جي نماز پڙهڻ کانپوءِ صحافين سان گفتگو ڪندي چيو ته الله پاڪ پاڪستان سميت سڄي مسلم امت کي خوشيون عطا ڪري.
واضح رهي ته نواز شريف پهرين جون تي لنڊن روانو ٿيو هو.
ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، دعا آهي ته پاڪستان خوشحالي جون منزلون طئي ڪري: نواز شريف
You might also like