اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي طبعيت ناساز

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جي طبعيت اوچتو ناساز ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پارٽي ذريعن موجب خواجا سعد رفيق کي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي شفٽ ڪيو ويو، کيس دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ تي اسپتال پهچايو ويو.
اسپتال ۾ خواجا سعد رفيق جون مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ پوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو، ڊاڪٽرن اڳوڻي وفاقي وزير کي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.