واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ارب پتي واپاري ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي ويجهي ساٿي گوتم اڏاڻي خلاف آمريڪا ۾ جاچ جاري آهي، جتي سندس ڪمپنين تي ايران سان پيٽرروڪيميڪل شين جي خريداري جا الزام لڳايا ويا آهن.
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب، آمريڪي انصاف وارو کاتو گوتم اڏاڻي جي ڪاروباري معاملن بابت جاچ ڪري رهيو آهي، خاص طور تي ان ڳالهه بابت ته سندس ڪمپنيون آمريڪي پابندين باوجود ايران سان واپار ۾ ملوث ته نه آهن.
اطلاعن موجب، اڏاڻي گروپ تي الزام آهي ته هو ايران مان ايل پي جي خريد ڪري گجرات جي مندرا پورٽ ذريعي ڀارت آڻي رهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايراني نار ۽ مندرا پورٽ جي وچ ۾ اهڙن ٽينڪرن جي ٽريلونگ سامهون آئي آهي، جيڪا امڪاني طور تي پابندين کان بچڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.
واضح رهي ته گوتم اڏاڻي، ايشيا جو ٻيو امير ترين شخص پڻ آهن، ان کان اڳ به ٽرمپ انتظاميا تي دٻاءُ وڌو هو ته مٿس مڙهيل پرڏيهي رشوت (فارين برائيبري) جا الزام ختم ڪيا وڃن، پر هاڻي سندس لاءِ هڪ نئون محاذ کُلي ويو آهي ۽ پراسڪييوٽر اِها جاچ ڪري رهيا آهن ته ڇا سندس ڪمپنيون ايران کان پيٽرو ڪيميڪل شيون خريدي رهيون آهن.
ياد رهي ته اڏاڻي گروپ يا آمريڪي اختيارين طرفان اڃا تائين ان معاملي تي باظابطا طور ڪو به ردعمل سامهون نه آيو آهي.